اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان ٻڌڻ کان لاچار ٻارڙي ندا خان ڪامياب سرجري کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ندا خان سان ملي خوش ٿيو، اها ٻارڙي پيدائشي طور تي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم هئي، جيڪا ڪامياب آپريشن کانپوءِ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي قابل بڻجي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته ندا خان هڪ کان ٻن سالن جي عرصي دوران اسپيچ ٿراپسٽ جي مدد سان پوري طر?? ڳالهائڻ جي قابل ٿي وي??دي. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته ندا خان هڪ ذهين ٻارڙيءَ آهي جنه?? سبب هو جلد صحتياب ٿي رهي آهي.