اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پ?? پي) پاڪستان جي پ??رين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اهو ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ??نتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قو??ي تراني کي آچر ڏينهن 14 آگسٽ 2022ع تي ??ليز ڪندو. هتي ??اري پڌرائي موجب پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي قو??ي تراني جي تياري تي ڪم شروع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي پ??ريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قو??ي تراني جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ??ن ڌُن جي منظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي ??کي?? ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪرايو ويو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگست 2017ع ۾ قو??ي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان مقصد جي لاءِ سمورين ناليواري اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع ۾ اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ماتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي ا??گ ۾ ماڻهن جي شموليت سان اها قو??ي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان قو??ي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قو??ي تراني کي نئين سازينه سان بهترين عڪسبندي سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي قوس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپ جو پيغام ڏنو ويو آهي.