اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپا?? جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي ??اڪ??تان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽيرف لائينز جڏهن ته ??اڪ??تان 130 ٽيرف لائينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت واري وزير مصطفيٰ علي تاس ۽ ??اڪ??تان جي واپار واري وزير خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ واپا?? جي راهه ۾ ايندڙ ٽيرف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري کان اڳ تائين ترجيحي واپا?? جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري کانپوءِ ترجيحي واپا?? جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لاءِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپا?? جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپا?? جي معاهدي تحت ??اڪ??تان 216 ٽيرف لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آهي ۽ انهن مصنوعات جي ??اڪ??تان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊالر جڏهن ته ترڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊالر آهي. ??اڪ??تان جن 130 ٽيرف لائينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊالر آهي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي ??اڪ??تان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊالر آهي. 22 – 2021ع ۾ ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو 883 ملين ڊالر رهيو جن ۾ ??اڪ??تان جي ترڪيه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر جڏهن ته ترڪيه سان ??اڪ??تان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ واپاري توازن ترڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.