اسلام آب??د ?? 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪا??ي وا??ي وفاقي وزير ع??بد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن کي ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج اسان ڪشميري ڀائرن ڀينرن جو استحصال ڪري رهي آهي. نجڪا??ي وا??ي وزارت پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪا??ي وا??ي وزير چيو ته ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. نجڪا??ي وا??ي وزير چيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.