گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي ??اٽ?? ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي و??ير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي و??رو وفاقي و??ير شاهه زين بگٽي، مواصلات وارو وفاقي و??ير اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سف??رتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪيو. جن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چائنا ايڊ پاران پاڪستان ۾ گوادر سي ??اٽ?? ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبريڪينٽس پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.