اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊنگ ۾ ??هٽ??ائي جو هنگامي پلان 24 ڪل??ڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي ??هٽ??ائي جي پلان تي موثر عملدر??مد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪل??ڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني وئي، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊنگ ۾ ??هٽ??ائي پاڻ محسوس ٿئي.