اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هرا??يت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي بئنڪ مينيجر انساني بنيادن تي صدر مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي درخواست ڪئي هئي، بئنڪ مينيجر تي هرا??يت جو الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئوف مينيجر نعيم اقبال جي خلاف بئنڪ کي هرا??يت جي شڪايت ڪئي هئ??، تفصيل موجب بئنڪ انڪوائري ۾ نعيم اقبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هرا??يت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نعيم اقبال کي بئنڪ برطرف ڪري ڇڏيو، نعيم اقبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هرا??يت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني?? محتسب نعيم اقبال کي ننڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هرا??يت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري تان برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نعيم اقبال صدر کي انساني بنيادن تي سروس ۾ بحالي ۽ محتسب جو فيصلو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، صدر هرا??يت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته معزز محتسب سزا کي ”نوڪري تان برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ ۾ بدلجي چڪو، درخواستگذار محتسب جي حڪم ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار هرا??يت جي روڪٿام واري محتسب جي حڪم کي بدلائڻ لاءِ ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان لاءِ درخواست گذار جي نوڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.