اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي رستي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذ??يعي افغا??ست??ن منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم جي رستي افغان ٽرڪن جي ذ??يعي افغا??ست??ن منتقلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني امداد ۾ سهولت جي فراهمي ??اء?? حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان فيصلي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغا??ست??ن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي ??اء?? ضروري قدم کڻي.