اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب روپين کان وڌيڪ قرض جون درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب روپين جا قر?? فراهم ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌي?? تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخواستون مليون آه?? جنهن مان 23 هزار درخواستون قر??ن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخواستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، مملڪتي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخواستن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.