اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مشهور ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب ڊاڪٽر مح??د اجمل نيازي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مشهور ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب، ڊاڪٽر مح??د اجمل نيازي جي لاڏاڻي جو ٻڌي صدمو ٿيو، الله مرحوم کي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي. مرحوم پاڪستان جي ا??ب ۽ صحافت جي شعبي ۾ نمايان مقام رکندڙ شخصت هو، صد?? چيو ته مرحوم مختلف شعبن ۾ خدمتن سان پاڻ کي امر ڪري ويو، الله سندس گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.