ڪابل – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گهرو وزارت پاسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين عورت ملازم?? کي نوڪري تي واپس اچڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آه?? ته في الحال نوان پاسپورٽ جاري ڪيا پيا وڃن ۽ نوان پاسپورٽ اسلامي جمهوريه افغانستان جي نالي سان ئي جاري ڪيا ويندا. ترڪ ن??رياتي اداري موجب افغان گهرو وزارت جي ترجمان سعيد خوستي چيو آه?? ته سمورين عورت?? کي چيو ويو آه?? ته اهي گهرو وزارت ۾ پنهنجي نوڪرين تي واپس اچي ڪم شروع ڪن.