اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سازگار ڪاروب??ري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جو رينڪ 136هين ??وزيشن مان بهتر ٿي 108 هين ??مبر تي اچي ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد چيمبر جي صدر فدا حسين دشتي جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ صنعتي شعبن جي سهولت ۽ مضبوطي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واپ??ري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت ڪامياب جوان پ??وگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروب??ري ادارن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ۽ نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروب??ري قرض فراهم ڪري رهي آهي. وفد صدرکي قومي معيشت ۾ ڪوئيٽا جي ڪاروب??ري برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي ويندي.