اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??موعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اسلام جي تصور موجب عورتن جي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ فراهمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي عورتن جي حقن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جي لاءِ عالم سڳورا ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار اد?? ڪري، عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي م??املن واري وفاقي وزير عمر ا??وب خان، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. عورتن جي ملڪيتن جي حقن جي قانون 2020ع کي لاڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي صدر قانونسازي جي ان قدم کي عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي سان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪا به عورت جيڪا جائيداد جي ملڪيت يا پنهنجي جائيداد جي قبضي کان محروم آهي اها محتسب کي اپيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن عورتن جي جائيداد جي م??ئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ متبادل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت منصوبن کي اسٽريم لائين ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انهن کي احساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عمر ا??وب خان صدر کي عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پاران پاڪستان کي عورتن جي لاءِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. صدر ا?? سلسلي ۾ عالمي اد??رن ۽ ملڪن پاران مالي م??اونت کي ساراهيو.