اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملڪيتون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئي?? جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري ملڪي??ن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس موجب مقامي پوليس سرڪاري ملڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪندي، قبض?? جي خاتمي تي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض ??ان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس موجب قبض?? جي خاتمي لاءِ صدر پاڪس??ان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪاري ملڪي??ن تي قبض?? جي خاتمي بابت معامل?? جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ئي مجاز ادارو هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.