اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ جن پارٽين 30 سال حڪومت ڪئي، اڄ اه?? پنهنجو منهن لڪائي رهيون آهن، تحريڪ انصاف واحد حڪومت آهي جيڪا عوام جي سامهون پنهنجي ڪارڪردگي فخر سان پيش ڪري رهي آهي، سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ نئين روايت آهي، اڄ اسان جي ??رڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آهي، افغانستان ۾ اسان جي ڪردار جي اڄ پوري دنيا اعتراف ڪري رهي آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي عالمي افق تي واپس آندو، ڪشمير، فلسطين سميت ٻين وڏن مسئلن تي اسان جي حڪومت هڪ آواز آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت آبادگارن جي ??فاد ۾ ڪيترائي قدم کنيا، هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ جدت آندي، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، وزيراعظم عمران خان اڄ پنهنجي حڪومت جو آئنده جو لائحه عمل پيش ڪندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ميڊيا سان ??ال??ائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته اڄ ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي اسان جو موٽو ”لگن، انصاف، انسانيت ۽ خودداري اسان جي ??نزل“ آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت انصاف، انسانيت ۽ خودداري لاءِ ڪم ڪيو، ماضي ۾ 30 سال حڪومتون ڪندڙ اڄ پنهنجو منهن لڪائي رهيا آهن، پر وزيراعظم عمران خان جي ??يادت ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ??ن ??ال?? جي ڪارڪردگي فخر سان عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي ۾ جرئت نه آهي ته هو عوام جي سامهون اچي انهن سان ڪيل واعدن ت?? پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ سمورين وزارتن جي ??ن ??ال?? جي ڪارڪردگي تي ٻڌل ايئر بڪ جو به افتتاح ڪري رهي آهي، هر وزارت پنهنجي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اڄ جي تقريب جي ??يزبان آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان سمورا انگ اکر ۽ حقيقت سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ عوام جي سامهون رکنداسين، اسان آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، آبادگارن کي 1100 ارب رو??ين جي اضافي آمدني ٿي، جڏهن آمدني ۾ اضافو ٿيندو آهي ته مهانگائي ۾ اضافو غير لاڳاپيل ٿي ويندو آهي، هن چيو ته اسان هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ستر ??ال?? کانپوءِ وڏا سڌارا ڪيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت آندي وئي، اڄ اسان جي ??رڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي آئنده جو لائحه عمل به پيش ڪندو، تحريڪ انصاف پنهنجا پنج سال مڪمل ڪندي ۽ ايندڙ پنج سال به تحريڪ انصاف جا ئي هوندا.