اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته بار ۽ بئنچ وانگر بار جو قانون واري وزارت سان چولي دا??ن جو ساٿ آهي، قانون واري وزارت جي بار ايسوسيئيشنز سان تعاون جي فيصلي جا ??ورس نتيجا نڪرندا. هو بار ايسوسيئيشنز ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته ملڪ جو بنياد قائداعظم جيڪو هڪ وڪيل هو رکيو هو، قائداعظم به ڪارو ڪوٽ ۽ ٽائي پائي هئي، هو عظيم انسان ۽ عظيم ليڊر هو، جنهن آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.