اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتصادي سهڪار تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پا??ستان جي متحرڪ ڪردار، اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي ??ٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان اقتصادي سهڪار تنظيم جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان علائقائي ??تحاد ۽ رابطن کي ??ٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پا??ستان اقتصادي سهڪار تنظيم جي فريم ورڪ جي روشني ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي ??من ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ڪتب آڻي رهيو آهي.