اسلام آباد – 10 جون (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته دني?? جي وڏي سيڙپڪاري جي مالياتي اداري جي پي ??ورگن پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، 2021ع ۾ جي ڊي پي جي شرح 4.7، خسارو 7.1 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال جو 5.9 سيڪڙو هجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جي پي ??ورگن 2021ع ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي جي شرح 4.7 جي اڳڪٿي ڪئي آهي، رپورٽ موجب ايندڙ سال معاشي ماپو 329 ارب ڊالر هوندو، جي پي ??ورگن پاڪستان جو هن سال جو بجيٽ خسارو 7.1 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال جو 5.9 سيڪڙو هجڻ جي به اڳڪٿي ڪئي آهي.