اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست قانون جي حڪمر??ني ۽ انسانيت جي ڀلائي جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن ته انهن اصولن تي عمل ڪيو ڪامياب ٿيا، جن مل??ن انهن اصولن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري ويا، جيڪي قومون قانون جي حڪمر??ني تي عمل ناهن ڪنديون اهي تباهه ٿي وينديون آهن، اميد آهي ته مسلمان مل?? مديني جي رياست جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کي ورچو??ل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انعقاد رباط اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قانون جي حڪمر??ني ۽ فلاحي رياست هو، اسان کي پيغمبر ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن سندس صاحبزاده به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي، ٻيو هن فرمايو ته اوهان کان پهريون ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿيون ڇاڪاڻ جو هنن طاقتور ۽ امير، غريب ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڌار ڌار قانون ٺاهي رکيا هئا، وزيراعظم چيو ته جن قومن ۾ قانون جي حڪمر??ني ناهي هوندي ۽ اتي جهنگل جو قانون هوندو آهي ته اهي جلد يا دير تباهه ٿي وينديون آهن جڏهن ته عظيم قومون انصاف جي اصولن تي عمل پيرا رهنديون آهن، وزيراعظم چيو ته اسان جي پيغمبر ﷺ انسانيت جي تاريخ ۾ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو رياست غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري قبول ڪئي، پينشن جو نظام به ٻي خليفي حضرت عمر جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ رياست ب??رگ شهرين جي امداد جي ذميداري ورتي. اها هڪ مثالي رياست هئي.