اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سينيٽر سيف الله خ??ن نيازي، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ڪياني ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اڄوڪي ٿيندڙ چونڊن جي ح??مت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال جي روشني ۾ آئنده جي ح??مت عملي تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.