ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مثالي مينڊيٽ ڏنو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي بابت تمام گهڻي دلچس??ي ??کي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ آهن، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، چاهيون ٿا ت?? سينيٽ اليڪشن شفاف ٿين ۽ ماضي وانگر ان ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿئي. صحافين سان ڳالهائيند?? وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم سان ڪجهه اچي نه وڃي، اهي رڳو ذاتي مفاد جي لاءِ ڊر??مو ڪري رهيا آهن، انهن جو رخ مختلف آهي ان لاءِ انهن جي منزل هڪ نه ٿي ٿي سگهي، پي ڊي ايم کي عوام جي پذيرائي نه ملي رهي آ??ي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نه ته ڪا انڊسٽري آ??ي نه ئي ڪاروبار، ڪراچي جي عوام ماضي جي پارٽين کان تنگ اچي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو جڏهن ته صوبائي حڪومت ان ۾ رنڊڪون وجهي رهي آ??ي.