پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن، واپاري برادري ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افعانستان ۾ امن سان خيبرپختونخواهه کي فائدو ۽ علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪارو??ار?? برادري سان ملاقات ۾ ڪيو. خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. صدر چيو ته مڪمل ٽيڪس ادائيگي سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ ??نڊ?? جي فراهمي ۾ مدد ملندي، واپاري برادري ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت ??ار??ن ڪورونا وائرس جي وبا دوران 1.2 کرب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي، حڪومت واپاري برادري کي چٽاڀيٽي ڪارو??ار?? ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن. صدر چيو ته واپاري برادري حڪومت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪارو??ار?? ماحول جي بهتري لاءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.