اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ فاصلاتي تعليمي نظام جي اهميت وڌي وئي آهي، تعليم جو سلسلو جاري ر??ڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ۾ اهڙن طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪي ر??و اشرافيه جي لاءِ مخصوص نه هجن پر تعليم حاصل ڪرڻ آسان هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان برطانيا ايجوڪيشن گيٽ وي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪن??ي ڪيو.