اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ ا??ار??ي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ ا??ار??ي جي ورڪنگ گروپس جو ??جلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ٻنهي منصوبن ??ي هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوندا، راوي ڊولپمنيٽ ا??ار??ي جي چيئرمين ٻڌايو ته تعميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو ??روي مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ه?? ٻڌايو ته راوي سٽي منصوبو عالمي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پاڻي جي نيڪالي، زمين جي اندر پاڻي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ جو نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته اهو منصوبو قرض بدران حصيداري جي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو ??ظهار ڪري رهيا آهن.