اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرانسيسي صدر پاران مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اقدس جي حوالي سان گستاخانا خاڪن ۽ ان سان مسلمانن جي جذبن کي پهچندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس ??ٺن??ي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاءِ نبي ڪريم صه جي شان اقدس ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آه??. ڪ??بينا ان ڳالهه کي ورجايو ته گستاخانا خاڪن جي حوالي سان هر ميسر فورم کي استعمال ڪندي مسلمانن جي جذبن جي ترجماني ??رپ??ر انداز سان ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.