اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاپوليشن ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر رانا حاجيه جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زيبا ستار ۽ ناڻي واري وزارت جا سينيئر عملدا?? به موجود هئا. ملاقات ۾ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ، آبادياتي تبديلين ۽ ان جا پاڪستان جي ترقي ۽ معيشت تي اثرن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جي پاڪستان جي ترقياتي ه??فن تي پوندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. هن زور ڀريو ته آباديءَ جي رجحانن کي سمجهڻ ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مُدي وارن پائيدار ۽ شاهدين تي ٻَڌل ??ڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير صحت، تعليم، روزگار، شهري ترقي ۽ ماحوليات جهڙن اهم شعبن ۾ ان آبادياتي سببن کي شامل ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن سماجي، معاشي، ترقي جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻي سگهجي. ڊاڪٽر رانا حاجيه ۽ ڊاڪٽر زيبا ستار پاپوليشن ڪائونسل جي موجوده تحقيق ۽ قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جيڪي ان مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. وفد پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ جي ه??فن سان هم آهنگ، جامع ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل پاليسيءَ جي جو??جڪ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. هيءَ ملاقات ??اپوليشن ڪائونسل ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي مستقبل تي آباديءَ ۾ واڌ جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهم آهي.