اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيحي برادري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ره?? آهي ۽ ان قربانين جا لازوال داستان لکيا آهن. ڪرسمس جي موقعي تي منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مسيحي ڀائرن کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جنهن تڪ مان آئون اليڪشن وڙهيس اتي 70 هزار مسيحي ڀينرن ڀائرن جي نمائندگي ڪريان ٿو، چونڊ مهم دوران پنهنجي تڪ جي مسيحي برادري کان بي پناهه پيار ۽ محبت ملي. هن چيو ته مسيحي برادري وزيراعظم جي ترقي جي ويزن کي اڳتي وڌائي ره?? آهي، اهڙي طرح مسيحي برادري تحريڪ پا??ست??ن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مسيحي برادري اسان جي قومي جهنڊي جي اندر اڇي رنگ جي لاج قربانين ۽ اڻٿڪ خدمتن جي شڪل ۾ رکي، اسان جي انهي قومي جهنڊي ۾ هارون وليم جو جسد خاڪي پڻ ويڙهيو ويو، اهي قربانين لازوال آهن، انهن قربانين جا داستان جيڪي مسيحي برادري پا??ست??ن قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين لکيا آهن خراج تحسين جي لائق آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خصوصي طور تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هن بطور پنجاب جي وڏي وزير پڻ مسيحي برادري جي لاءِ ايدمنسٽريٽو ۽ گورننس جا قدم کنيا، ميرٽ تي هوشيار شاگردن کي 5 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا ڏني، مسيحي شاگردن کي به ميرٽ تي لي?? ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ڏنيون، اسان جي نوجوان نسل کي ان قابل ڪيو ته اهي بطور ذميوار شهري پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 2022ع ۾ اقليتن جي تحفظ جي لا??ِ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي هئي جنهن تي تمام گهڻي تيزي سان ڪم اڳتي وڌيو ۽ اڄ به جار?? آهي، ضرورت ان ڳالهه ج?? آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان پا??ست??ن حڪومت محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جيڪي قدم کنيا انهن کي وڌيڪ فعال ڪريون ۽ انهن کي اڳتي کڻي وڌون ته جيئن هر پا??ست??ني ملڪي ترقي ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسيحي برادري راندين جي شعبي ۾ پڻ نمايان مقام حاصل ڪيو، ٽن مسيحي ڀينرن سهيل سسٽرز پا??ست??ن جي نمائندگي ڪندي 22 ميڊلز کٽيا، اها تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي، وزيراعظم انهن کي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪئ?? آهي. هن چيو ته برگيڊيئر هيلن ميري رابرٽس پهرين عورت آهي جيڪا پا??ست??ن آرمي ۾ برگيڊيئر جي رينڪ تي پروموٽ ٿي، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيحي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ره?? آهي. هن چيو ته دعا آهي ته اسان سڀ گڏجي پا??ست??ن جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون.