راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عا??م منير چيو آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي جي دشمنن کي نه ڇڏيندي، پاڪ فوج دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جي خاتمي ل??ءِ پرعزم آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عا??م منير 19 نومبر جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي فالو اپ ۾ پشاور جو دورو ڪيو جت?? کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف کي خطي ۾ جاري دهشتگردي آپريشنز جي اڳڀرائي تي جامع بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير به موجود هو. آرمي چيف شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻ ل??ءِ فوجين جي بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ پختي عزم کي ساراهيو. آرمي چيف جنرل عا??م منير چيو آهي ته اهي قربانيون قومي عزم جو بنياد آهن، اهي قربانيون هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پختي جذبي ۽ لگن کي همٿائن ٿيون. هن دشمن دهشتگرد نيٽ ورڪس کي ختم ڪ??ڻ جي عزم کي ورجايو ۽ قومي سلامت?? کي نقصان پهچائيندڙ غير قانوني ڌرين کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم کي ورجايو.