اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان- قازقستان وچ ۾ پارلي??ما??ي رابطن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان، قازقستان سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزن ڪذافستان سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قازقستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تا??يخ ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهن. اسپيڪر چيو ته پارلي??ما??ي رابطا ۾ واڌ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- قازقستان پارلي??ما??ي فرينڊشپ گروپ ٻه طرفن پارلي??ما??ي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان قازقستان سميت وچ ايشيائي رياستن سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تا??ين پهچ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تا??ين پهچ لاءِ گوادر ويجهي بندرگاهه آهي. اسپيڪر اسلام آباد ۾ منعقد ايس سي او ڪانفرنس ۾ قازقستان جي وزيراعظم جي شرڪت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دؤرن سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته قازقستان پاڪستان سان پنهنجن ويجهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارلي??ما??ي رابطن ۾ واڌ سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سفير ايس سي او ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ـ چيو ته ايس سي او ڪانفرنس جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڏور ??س نتيجن مرتب ٿيندا. قازقستان جي سفير اسپيڪر کي پارلي??ما??ي وفد سان گڏ قازقستان جي دؤري جي دعوت به ڏني.