اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيه جي جمهوري ڏهاڙي تي ترڪ حڪومت ۽ عوام ک?? دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه سدائين مسلمان امت جي اهم مسئلن تي آواز اٿاريو آهي. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب صدر ترڪيه جي 101هين جمهوري ڏهاڙي تي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته ترڪيه گذريل هڪ صديءَ ۾ مختلف شعبن ۾ مثالي ترقي ڪئي ??هي، اميد آهي ته ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان ترڪيه لاڳاپا گڏيل تاريخ، قدرن تي ٻڌل آهن. صدر آصف ??لي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي ??ان گڏ بيٺل رهيا ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن.