اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف لبنان ۽ غزه جي لاءِ امدادي سامان جا ٻه جهاز فوري طور تي موڪلڻ، امدادي سامان جي پهچ جي رفتار ۾ تيزي ۽ و??ير??عظم غزه ۽ لبنان بابت ريليف فنڊ جي حوالي سان ڀرپور آگاهي مهم هلائ?? جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم جي صدارت ۾ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اق??ال، اق??صادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي و??ير??عظم لبنان ۽ غزه جي لاءِ امدادي سامان جا ٻه ??وا??ي جهاز فوري طور تي موڪل?? جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??وا??ي رستي کانسواءِ زميني رستن ذريعي به ٽرڪن وسيلي امدادي سامان لبنان ۽ غزه جي لاءِ روانو ڪيو وڃي. و??ير??عظم امدادي سامان موڪل?? جي حوالي سان فلسطين، لبنان، اردن ۽ مصر ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائ?? جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته امداد ضرورتمندن تائين پهچي. هن امدادي سامان موڪل?? جي رفتار تيز ڪر?? جي هدايت ڪئي ۽ عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪئي ته پاڪستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي غزه ۽ لبنان بابت و??ير??عظم ريليف فنڊ ۾ عطيو جمع ڪر??ئين. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني آءِ بي اي اين نمبر IBAN:PK11SBPD000000111111429 2 ۾ عطيو جمع ڪر??ئي پنهنجي فلسطيني ۽ لبناني ڀائرن جي مدد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن غزه ۽ لبنان بابت و??ير??عظم ريليف فنڊ جي حوالي سان ڀرپور آگاهي مهم هلائ?? جي پڻ هدايت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي لبنان ۽ غزه ۾ پاڪستان پاران امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت کان متاثر ڀينرن ڀائرن جي لاءِ سرديءَ کان بچڻ وارا ٽينٽ، ڪپڙا، ڪمبل، دوائون، روزاني جي استعمال جون شيون موڪليون پيون وڃن. اسرائيلي حملن ۽ گهيراءُ سبب فلسطين ۽ لبنان جي متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش اچي رهيون آهن. جيڪي اين جي اوز غزه ۽ لبنان جي متاثرين جي لاءِ رقم ۽ امدادي سامان موڪلڻ چاهين ٿيون انهن کي امدادي سامان موڪل?? جي حوالي سان حڪومت پاران سهولتون فراهم ڪيون وينديون.