اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بح??يه کي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وج?? صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پاڪ بح??يه کي ساراهيندي چيو ته پاڪ بحريه ??ي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر عرب سمنڊ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پاڪ بحريه ??ي پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پاڪ بحريه ??ي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي بحريه ??ي ايئر ڪرافٽ ڪ??ريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پاڪ بحريه ??ي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پاڪ بحريه ??ي ڪردار کي ساراهيو.