لاهور -23 آڪٽوبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو کان حفاظت جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ صحت کاتي پاران مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ صحت جا ماهر پوليو کان حفاظت بابت اپائن تي روشني وجهندا جڏهن ته عوام کي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي ڦڙا پيارڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪندا. پ??ڪس??ان ۾ ان ڏينهن جي موقعي تي پوليو ورڪرز جي اڻ??ڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف خانگي ۽ سرڪاري ادارن سميت صحت کاتي پاران خاص پروگرام منعقد ڪيا ويندا. جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان خاص پروگرام نشر ۽ ??ضم??ن شايع ڪيا ويندا.