اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? 15 کان 16 آڪٽوبر ت?? اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23 هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي هاڻوڪي چيئرمين هجڻ جي ناطي وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ چين، روس، بيلاروس، قزاخ??تا??، تاجڪ??تا??، ڪرغز??تا?? ۽ ازبڪ??تا?? جا وزيراعظم پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا. ايران جو نائب صدر اول، ڀارت جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. منگوليا جو وزيراعظم مبصر اسٽيٽ ۽ ترڪمان??تا?? جي ڪابينا جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندا. ان اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ٻطرفيون اهم ملاقاتون به ڪندو. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ تازي اقتصادي، واپاري، ماحولياتي، سماجي، ثقافتي لاڳاپن ت?? خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. اجلاس ۾ تنظيم جي ڪارڪردگي تي به غور ڪيو ويندو. ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويندا جڏهن ته تنظيم جي بجيٽ جي منظوري به ڏني ويندي.