اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??اڪ??تان ا??غانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جو بيا?? پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي مداخلت آهي. هن چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمراهه ڪندڙ تشريح بدران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کان ا??ڪار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ اهو ته ان کي افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ٺاهڻ کان روڪڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تان خطي ۾ امن، ڳالهين ۽ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي ۽ افغانستان سميت سمورين رياستن کان ا??ا اميد رکي ٿو ته اهي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بين ا??رياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.