اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمب?? ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪن??و جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اجلاس جي صدارت ڪن??و. هن چيو ته اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمب?? ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خصوصي مهمان ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ميمبرن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجمان چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ?? تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت ميمب?? ملڪن جي وچ ?? تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪن??ي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمب?? ملڪن جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي مضبوط ب??ائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان پاران ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدرن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.