اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي معاملي ڪميشن مسلسل لچڪ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا ويا آهن ته هو ??نه??جون آئيني گهرجون پوريون ڪري تنهن هوندي به ان سستي ۽ دير جي سموري ذميواري لاڳاپيل پارٽي تي لاڳو ٿئي ٿي، اليڪشن ڪميش?? ان معاملي کي قانوني طور تي حل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ تازي انٽرا پارٽي چونڊ 3 مارچ 2024ع تي ڪرائي، ا?? انٽرا پارٽي چونڊ ۾ به ڪيتريون ئي خاميون هيون جنهن سبب اليڪشن ڪميش?? ان کي 23 اپريل تي نوٽيس موڪليو، ان ڪيس جي پهرين ٻڌڻي 30 اپريل 2024ع تي ٿي، ترجمان چيو ته اپريل کان وٺي آڪٽوبر 2024ع تائي?? ان ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، پر انهن ٻڌڻين مان پنج ڀيرا ان پارٽي وڌيڪ وقت گهريو ۽ اڄ جي ٻڌڻي سميت هر ڀيري ٻِڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 208 ۽ 209 تحت سمورين سياسي پارٽين تي لازمي آهي ته هو ??نه??جي پارٽي آئين موجب پنج سال?? اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائين. پي ٽي آءِ کي 13 جون 2021ع تي ??نه??جو?? انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻيون هيون پر مقرر وقت تائين اهي چونڊون نه ڪرايون ويون، اليڪشن ڪميش?? آخرڪار 27 جولاءِ 2021ع تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس جي جواب ۾ پارٽي طرفان هڪ سال جي توسيع جي درخواست ڪئي وئي جنهن ۾ ڪووڊ -19 جي صورتحال کي جواز بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن پارٽي کي 13 جون 2022ع تائين جي مهلت ڏيندي اها درخواست قبول ڪئي. هنن جون 2022ع ۾ فارم 65 تحت انٽرا پارٽي چونڊن جا دستاويز جمع ڪرايا جيڪي اڻ پورا هئا. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪيترائي ڀيرا يادگيري ڪرائي ۽ وڌيڪ دستاويز طلب ڪيا، پر پارٽي طرفان دير جو سلسلو جاري رهيو، اليڪشن ڪميشن طرفا?? ان معاملي تي باقاعدگي سان ٻڌڻيون ڪيون ويون.