اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينيئر ۽ ناليواري هدايتڪار الطاف حسين جي ل??ڏاڻي تي ??هر?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته الطاف حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جو قيمتي اثاثو هو، هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ هدايتڪاري ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ لگن سان پاڪستان فلم انڊسٽري جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته الطاف حسين جو لاڏاڻو نه رڳو پاڪستان فلم انڊسٽري پر پوري ملڪ جي ل??ءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، اڄ جڏهن اسان کيس وڃائي چڪا آهيون ته اسان کي ان جي خدمتن کي ياد رکڻ گهرجي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.