اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته ڊ??يٽل واپار جي ضم ٿيڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ واپاري معاهدا وڏي ا??مي?? وارا آهن. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (ڪاريڪ) جي هڪ مطالعي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪيترن ئي وچ ايشيائي ملڪن خاص طور تي افغانستان، قازقستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان علائقائي واپاري معاهدا ڊجيٽل واپار ۾ ضم ٿيڻ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم آهن. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪووڊ – 19 جي روشنيءَ ۾ ڊجيٽل واپار جي ا??مي?? ۾ واڌ ٿي ۽ نئين منظرنامي ۾ علائقائي واپار ضم ٿيڻ کي هٿي ملي ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽيوٽي، ??يگ??وليٽري ۾ آساني ۽ هنرمند ليبر جي ض??ورت کي اجاگر ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڊجيٽل واپار ضم ٿيڻ جو تصور سرحد پار ڊجيٽل شين، خدمتن، ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيٽا جي هموار چُرپر ۽ حرڪت تي ٻَڌل آ??ي، جنهن ۾ مربوط ??يگ??وليٽري ۽ فني ماحول به شامل آهي. رپورٽ موجب 2010ع کانپوءِ علائقائي واپار ضم ٿيڻ ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ ۾ ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل واپار ۽ ان واپار جي ضم ٿيڻ جي سطحن ۾ خاص طور تي موبائل ڪنيڪٽويٽي، انٽرنيٽ جي رفتار ۽ نيٽ ورڪ جي تياريءَ ۾ نمايان طور آساني ٿي آهي. رپورٽ ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي کي وڌائڻ، لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ روانگي واپار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ لاءِ اندرون ملڪ ۽ سرحد پار ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ، سرحد پار ڊجيٽل واپار کي آسان بنائڻ لاءِ ڪسٽم جي طريقيڪار ۽ ??يگ??وليٽري فريم ورڪ کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ شين جي معيار ۽ واپاري ض??بطن تي اتفاق راءِ لاءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ڊائلاگ پليٽ فارم ٺاهڻ سميت ڪيتريون ئي تجويزون به ڏنيون ويون. ان کان علاوه ڏي وٺ کي بهتر بنائڻ لاءِ علائقائي اليڪٽرانڪ ادائگي جو طريقيڪار سولو بنائڻ ۾ تعاون جي ض??ورت به زور ڀريو ويو.