لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽري??يا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم دولت مشترڪه سان پاڪستان جي و??بستگي ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ اي??يا يوٿ الائنس (CAYA) سيڪريٽريٽ قائم ڪ??ڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي حمايت تي ٿورا مڃيا. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان جي دوري دوران ملندڙ مهمان نوازي کي ياد ڪندي پاڪستان سان موسمياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي مسئلن تي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ساموآ ۾ دولت مشترڪه سربراهي اجلاس کان اڳ گڏيل ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ناليواري پاڪستاني مصور اجاب خان جي پيٽنگ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ ک?? پيش ڪئي.