اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزار?? پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪندي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي افسوسناڪ روڊ حادثي بابت ڄا?? وٺن لاءِ آفيسرن جا نمبر جاري ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري بيان موجب ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ ??و (لينڊ لائين) ٽيليفون نمبر 9207887 – 051 ۽ اي ميل: cmu1mofa.gov.pk آهي. بيان موجب ڪراچي ۾ پرڏيهي معاملن جي رابطا آفيس ۾ شڪيل احمد سيل نمبر 9310095 – 0300، سيد شعيب حسين سيل نمبر 7556633 – 0332 ۽ مظهر علي سيل نمبر 8957541 – 0313 سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.