اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي ڪيسز ج?? حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي، سمورن هوا??ي اڏن ۽ گذرگاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي، پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد عالمي هوا??ي اڏي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق مختار احمد ڀرٿ ايم پاڪس جي انتظامن جي نگراني هو پاڻ ڪري رهيو آهي. هن گذريل ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ تي منڪي پاڪس جي نگراني جو جائزو ورتو. ايئرپورٽ تي بارڊر هيلٿ سروسز جي عملي ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چي?? ته سمورن هوا??ي اڏن ۽ گذر گاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي. انٽرنيشنل هيلٿ ريگوليشنز جي سفارشن تي عمل کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي صورتحال تسلي جوڳي آهي، اڳواٽ قدمن جي ڀ??پور نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته اسلام آباد ۾ پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت صورتحال تي گهري نظر رکي آهي. وفاق ۽ صوبا گڏجي سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن چي?? ته وبائن ۽ بيمارين کان عوام کي محفوظ رکڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.