اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائ?? جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، ري??ست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه هوندي. سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي ??ه لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن، قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي ??ه لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي لاڳو نه هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 65 سالن کان وڏي عمر جي مرد قيدين تي ??زا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 60 سال کان وڏي عمر جي عورت قيدين تي ??ه سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ٻارن سان گڏ جيل ۾ موجود عورت قيدين تي ??ه سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪاٽي ڇڏيندڙ 18 سال کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ??ه سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو هوندي.