اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ارشد نديم جي ڪاميابي کي آزادي جي ڏهاڙي تي قوم جي لاءِ تحفو قرار ڏيندي ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪندي، ڏينهن رات محنت ۽ اتحاد ۽ اتفاق سان ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏينداسين ۽ گڏجي ملڪ کي عظيم طاقت بڻائينداسين. اهڙن خي??لن جو اظهار هن پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ سون جو تمغو کٽيندڙ جيولين ٿرور ايٿليٽ ارشد نديم جي ??عزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم ارشد نديم، سندس والده ۽ سندس گهرڀاتين جو استقبال ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم پاڪستان کي آزادي جي ڏهاڙي کان اڳ هڪ شاندار تحفو ڏنو جنهن جشن آزادي جي ??وشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ارشد نديم 25 ڪروڙ پاڪستاني عوام جو هيرو ۽ دلين جي ڌڙڪن آهي، ارشد نديم 40 سالن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ الله تعاليٰ جي ??حمت، ڏينهن رات محنت ۽ والدين ۽ قوم جي ??عائن سان گولڊ ميڊل کٽيو، ان تي پوري پاڪستاني قوم توهان جي ??ڪرگذار آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي هن اسان جي ??وشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هن جيولين ٿرور ۾ رڪارڊ قائم ڪيو آهي، قوم جو مورال بلند آهي، ان مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته مشڪلاتن کان گهٻرائڻ نه گهرجي پر ان جو همت ۽ استقامت سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم جي ڪاميابي اسان سڀني جي لاءِ روشن مثال آهي، اسان آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، ان مثال سان اسان کي حوصلو مليو آهي ان رستي تي هلي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏينداسين، ڏينهن رات محنت اتحاد ۽ اتفاق سان چئلينجز کي منهن ڏينداسين ۽ گڏجي ملڪ کي عظيم طاقت بڻائينداسين. هن چيو ته ارشد نديم جي والده جي ??عائن سان ارشد نديم کي ڪاميابي ۽ پوري قوم کي عزت ملي جنهن تي سندس والده جا شڪرگذار آهيون، توهان عظيم ماءُ جا عظيم پٽ آهيو. هن چيو ته ڪاميابي جو اهو ٻوٽو ڇانوَ ڏيندڙ وڏو وڻ بڻجندو، مستقبل ۾ توهان ڪاميابي جا وڌيڪ رڪارڊ ٺاهيندا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون راندين جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هاڪيءَ، ڪرڪيٽ، اسڪوائش کي ٻيهر بحال ڪنداسين. سينيئر رانديگر راندين جي فروغ جي لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين ته جيئن پاڪستان جي ??ظمت کي واپس آڻي سگهجي. وفاقي حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪندي، وزيراعظم ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن پاڪستان کي وڃايل مقام واپس ڏياري سگهجي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ارشد نديم جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير 5 ڪروڙ رپين جي ??نع??م جو اعلان ڪيو. ارشد نديم جي ڀرپور پذيرائتي تي سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته راڻا مشهود جو ٿورائتو آهيان هن پنجاب ۾ نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. نوجوان قوم جو سرمايو آهن، ملڪي ترقي ۾ انهن نوجوانن جو وڏو ڪردار آهي. وزيراعظم شهباز شريف ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ شاندار ڪارڪردگي، سون جو تمغو کٽڻ ۽ اولمپڪ رڪارڊ ٺاهڻ تي ان جي لاءِ 15 ڪروڙ رپين جي ??نع??م جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته 15 ڪروڙ رپين جي ??نع??م تي ٽيڪس ڪٽوتي نه ٿيندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ ايف 9 ۽ ايف 10 سيڪٽر جي وچ ۾ رستي کي ارشد نديم جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ نوجوانن کي راندين جي ??ربيت جي لاءِ ارشد نديم هاءِ پرفارمنس اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو جتي 2028ع اولمپڪس جي لاءِ اٿيليٽس ۽ رانديگرن کي تربيت ڏئي ڀرپور مقابلي جي لاءِ تيار ڪيو ويندو. وزيراعظم رانديگرن جي ڀلائي، رٽائرڊ رانديگرن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ انهن کي تربيت جا به??ري?? موقعا ڏيڻ جي لاءِ هڪ ارب رپين جي ??سپورٽس انڊومنٽ فنڊ جو پڻ اعلان ڪيو، وزيراعظم ارشد نديم جي ??عليٰ ڪارڪردگي ۽ پاڪستان جي لاءِ اولمپڪس ۾ 40 سالن کانپوءِ سون جو تمغو کٽڻ تي هلال امتياز سان نوازڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم جي ڪاميابي ۾ ان جي ڪوچ سلمان اقبال بٽ جو اهم ڪردار آهي ان جي لاءِ پڻ هڪ ڪروڙ رپين جي ??نع??م جو اعلان ڪريان ٿو. پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم چيو ته ان ڪاميابي تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ??ري??ن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف، پوري پاڪستاني قوم، پنهنجي والدين ۽ ميڊيا جو ٿورا ادا ڪريان ٿو جن جي ??عائن سان پيرس اولمپڪس ۾ رڪارڊ قائم ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عزت افزائي سان حوصلو وڌيو جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان.