اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ پاڪستاني سفير کي هد??يت ڪئي آهي ته هو عماني عملدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جل?? وطن واپسي جو بندوبست ڪيو و??ي. پرڏيهي وزارت پاران مسقط، عمان ۾ دهشتگرد حملي جي تازه ترين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طا??ب تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشتگرد حملي ۽ مسلمانن جي ق??ل جي شديد مذمت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم عمان ۾ پاڪستان جي سفير عمران علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي آهي. سفير عمران علي نائب وزيراعظم کي مسقط ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طا??ب تي گذريل رات جي حملي بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سفير کي هد??يت ڪئي ته هو عماني عمدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جل?? وطن واپسي جو بندوبست ڪري. هن هد??يت ڪئي ته عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ڀلائي جو پڻ خيال رکيو و??ي.