آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينجز گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايس سي او ترقياتي منصوبن جي ل??ءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار جوڙي، افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل هدف آهي، افغانستان دهشتگردي جي خلاف موثر قدم کڻي ته جيئن ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وڃي، غزه ۾ انسانيت سوز ظلم جاري آهن، ايس سي او فلسطين جي صورتحال تي آواز اٿاري، پاڪستان ايس سي او کي متحرڪ تنظيم بڻائڻ ۽ هدف ??اص?? ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل جي سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته توهان سان مخاطب ٿي خوشي ٿي رهي آهي، آستانه هڪ خوبصورت شهر آهي، بهترين مهمانداري تي ٿورائتا آهيون. گذريل هڪ سال کان ايس سي او جي چيئر جي حيثيت سان قازقستان بهترين ڪردار ادا ڪيو. ايندڙ سال 25 – 2024ع جي ل??ءِ صدر شي جن پنگ کي ايس سي او جي چيئرمين شپ ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ايس سي او خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ??ئلينجز گڏيل آهن، اسان ??ي گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ ڪم ڪرڻو آهي، خطي جي روشن مستقبل جي ل??ءِ اسان ??ي جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو. موثر ٽرانسپورٽ لنگهن ۽ قابل اعتماد سپلائي چين جي ذريعي خطي ۾ رابطي کي وڌائڻ گهرجي. پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ل??اظ کان واپار جي اهم گذرگاهه آهي. سي پيڪ جي ذريعي ايس سي او جي علائقائي رابطي جي ويزن تحت ترقي ۽ خوشحالي جي منزل ??اص?? ڪرڻ طرف گامزن آهي. ايس سي او ترقياتي منصوبن جي ل??ءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار جوڙي، ماحوليات جي تحفظ لاءِ ايس سي او جو قدم ساراهه جوڳو آهي. امن ۽ سلامتي جو ??يا??، معاشي ترقي، غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ گڏيل قدمن جي ضرورت آهي. بيلاروس کي ايس سي او ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏيون ٿا. وزيراعظم چيو ته غربت جي خاتمي جي ل??ءِ ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل هدف آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي. افغانستان جي عبوري حڪومت سان بامعنيٰ طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي ته جيئن اتان جي عوام جا مسئلا حل ٿين. افغانستان دهشتگردي جي خلاف موثر قدم کڻي ته جيئن ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وڃي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي ڀلي اها رياستي دهشتگردي هجي يا ڪنهن تنظيم يا شخص طرفان هجي، ان جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف گڏيل ۽ جامع قدمن جي ضرورت آهي. بيگناهه ماڻهن جون جانيون وٺڻ جو ڪو جواز نه آهي ۽ نه ئي دهشتگردي کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي ل??ءِ ڍال بڻائڻ گهرجي. پاڪستان تعصب ۽ فرق تي ٻڌل ورڇ جي پاليسين ۽ نسلي ۽ مذهبي بنياد تي نفرت کي هوا ڏيڻ جو مخالف آهي. وزيراعظم چيو ته خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ماڻهن جي بنيادي خودمختياري جي حق جي ل??ءِ عالمي طور تي مڃيل اصولن جي احترام جي ضرورت آهي. اسلامو فوبيا جي خاتمي جي ل??ءِ گڏيل قومن جي ضرورت آهي. اسلامو فوبيا ۽ لسانيت جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ قابل عمل فريم ورڪ موجود آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت حل طلب مسئلن جي حل يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. اسان ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو آهي. غزه ۾ انسانيت سوز ظلم جاري آهي. ايس سي او فلسطين جي صورتحال تي آواز اٿاري، اسرائيل جي ڏاڍ وارين ڪاررواين جي مذمت ۽ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي. فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطين جي مسئلي جي 1967ع کان اڳ واري سرحدن جي بنياد تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، جنهن تحت فلسطيني رياست جو ??يا?? ٿئي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس هجي. پاڪستان هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي ميزباني ل??ءِ پرعزم آهي. ايس سي او ميمبر ملڪن سان تعاون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ايس سي او کي متحرڪ تنظيم بڻائڻ ۽ هدف ??اص?? ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.