اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪرم ۾ ديسي بم حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن جون ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي پي??ام ۾ ضلعي ڪرم ۾ بم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي ک?? ساراهيو. صدر دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار کي ساراهيو ۽ دهشتگردي ک?? ??اڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.