اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ا??يم??لي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، ان دوران حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي م??مبرن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ تي عام بحث دوران ايوان ۾ موجود رهيو، ان دوران وزيراعظم سان اتحادي پارٽين جي م??مبرن پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي وچ ۾ ڊگهي مشاورت ٿي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ڪجهه دير مشاورت ۾ شريڪ رهيو. ايوان ۾ مسلم ليگ (ن) جون عورتون وزيراعظم سان گڏ تصويرون ڪڍرائينديون رهيون. مسلم ليگ (ن) جي م??مبرن خرم شهزاد نواز، بل??ل اظهر ڪياني، شيخ آفتاب احمد، عورت ميمبرن طاهره اورنگزيب، شائسته پرويز ملڪ، نزهت صادق، پيپلزپارٽي جي م??مبر شگفته جماڻي، اعجاز جکراڻي، ايم ڪيو ايم جي م??مبرن پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. بلوچستان چونڊيل ميمبرن پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايوان مان ويندي استحڪام پاڪستان پارٽي جي م??مبر عليم خان سان هٿ پڻ ملايو.