اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير عوام دوست بجيٽ جي تياري بابت وقتي صدر کي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وفاقي وزير وقتي صدر کي مهانگا??ي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي قد??ن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل قدمن جو ثمر آهي. وقتي صدر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ ۽ اوڳاڙيون ??ڌا??ڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي.