تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايران جي مرحوم پرڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي جيڪي 19 م??ي 2024ع تي هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا، انهن جي لاءِ منعقد يا??گاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم مرحوم ايراني صدر جي ايراني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ايران لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب تقريب دوران وزيراعظم ان هال ۾ به ويو جتي مرحوم ايراني صدر جو جسد خاڪي رکيو ويو هو. وزيراعظم مرحوم صدر جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم ايراني صدر جي ايراني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ايران لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبرسان شديد صدمو پهتو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ايران سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مرحوم ايراني صد?? پاڪستان جو عظيم دوست هو. سندس گذريل مهيني پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذاريل لمحا سدائين يا?? رکيا ويندا. وزيراعظم ايران جي نگران صدر ڊاڪٽر محمد مخبر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب ??زيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرووزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.